رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ع??ب سان پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنهنجي وفد سان گڏ سعودي ع??ب جي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ملاقات دوران انهن جي مهمان نوازي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته سعودي ع??ب سان پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. ملاقات دوران نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه دوران اسان ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ سعودي ع??ب لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو و??تو ۽ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، ثقافت، ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻا??ڻ جي پنهنجي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.