باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??هن??و ٽن ڏينهن جو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف وزيراعظم کي باڪو ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??هن??ي آذربائيجان جي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن کي ماحولياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن جي خطري ۾ ورتل پاڪستان جي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم تاريخي طور تي ماحولياتي آلودگي جي ذميوار ملڪن پا??ان ماحولياتي عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان پا??ان منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پا??ان گليشيئرز جي تحفظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان ??ي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيُون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون.