اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق روسي هم منصب جي خاص دعوت تي پارلياماني وف?? سان گڏ ٽن ڏينهن جي دؤري تي روس روانو ٿي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پارلياماني وف?? ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالقادر پٽيل، سيد آغا رفيع الله، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، راڻا محمد حيات خان ۽ شير علي ارباب شامل آهن. دؤري جو مقصد پاڪ- روس ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. اسپيڪر پنهنجي دؤري دوران روسي هم منصب، نائب پرڏيهي وز??ر، پرڏيهي وز??ر سميت ٻين اهم شخصيتن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. ملاقاتن ۾ پاڪ- روس ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسپي??ر جي سربراهي ۾ پارلياماني وف?? جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وف?? جي دؤري سان پاڪ- روس ناتن ۾ گڏيل اعتماد ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ملندي. پاڪستاني وف?? روس ۾ قيام دوران مختلف تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو به دؤرو ڪندو. پارلياماني وف?? جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ- روس ناتا علائقائي ۽ عالمي سطح تي انتهائي اهميت جي حامل سم??هي?? وڃن ٿا.