اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف کي م??تان جي رهواسي ۽ پي ٽي سي ٽيچر ولي محمد جي بيواهه کي گروپ انشورنس منافعو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه شرمنا?? آهي ته هڪ بيواهه کي 115000 روپين جي معمولي رقم جي خاطر 14 سالن جو ا??تظار ۽ ڪوشش ڪرڻي پئي، ايوان صدر ??ان جاري بيان موجب صدر ادائيگي ۾ غير معمولي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائيف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن اندر بيواهه کي م??افعو ادا ڪيو وڃي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف کي معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ جي ذميدارن جو تعين ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪرڻ ۽ 3 مهينن ۾ رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.