اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا جي 426 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن د??ران 9 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن د??ران 22 هزار 830 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 641، پنجاب ۾ 9 هزار 75، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 246، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 894، بلوچستان ۾ 509، گلگت بلتستان ۾ 251، آزاد ڪشمير ۾ 214 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 506 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽ?? ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽ?? ليٽرز تي 96 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 659 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 340، بلوچستان ۾ 13 هزار 402، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 68، اسلام آباد ۾ 15 هزار 780، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 711، پنجاب ۾ 97 هزار 389 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 969 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 359 آهي.